ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي پيش آيل روڊ حادثي ۾ صحافي تشڪيل سنديلو ۽ هڪ شهري فوت ٿي ويا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب، تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ صحافي تشڪيل سنديلو ۽ هڪ شهري حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ڪار فٽ پاٿ سان به ٽڪرائجي وئي.
ذريعن موجب، تشڪيل سنديلو رات دير سان آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته شاهراهه فيصل تي حادثو پيش آيو.
حادثي بعد صحافي جو مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.
You might also like