پنجاب، ڪي پي، ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري، زندگي جو نظام مفلوج بڻيل، سياح ڦاسي پيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ شديد برفباري سبب ڪيترائي سياح ڦاسي پيا.
پنجاب جي مختلف علائقن گجرات، سرگوڌا، جھنگ، ڊي جي خان، ڪوٽ ادو ۽ چيچا وطني برسات سبب ٿڌ وڌي وئي.
ان کانسواءِ شڪر ڳڙه، حافظ آباد، ڪماليا ۽ وهاڙي ۾ پڻ ڪڪر وسي پيا، جڏهن ته اوٻاوڙي ۽ گھوٽڪي ۾ رات دير سان برسات ٿي، لور دير ۾ به تيز وسڪارو ٿيو.
ٻئي پاسي گليات، واديِ نيلم، ۽ واديِ ليپا ۾ برفباري سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سياحن کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلاتي نظام به درهم برهم ٿي ويو.
استور ۾ ٽئين ڏينهن به برفباري جاري آهي، جنهن سبب مٿانهين علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. لڳاتار برفباري سبب بجلي ۽ پاڻيءَ جي فراهمي معطل آهي، استور جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 3 کان 4 فٽ برف پئجي چڪي آهي، جنهن سبب زندگيءَ جو نظام ٺپ ٿي ويو، جڏهن ته خچڪ وٽ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب استور ويلي روڊ به بند ٿي ويو آهي.
هوڏانهن آزاد ڪشمير جي واديِ ليپا ۽ ڪيل سيري ۾ ڦاٿل 200 سياحن کي ريسڪيو ڪيو ويو.
موسميات کاتي اڄ به مٿانهين خيبرپختونخوا، بلوچستان، پنجاب، اسلام آباد، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ برساتن ۽ جبلن تي برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.