گودامن ۾ پيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ سان 150 ارب جي نقصان جو خدشو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي خوراڪ کاتي جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪڻڪ جاري ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، خوراڪ کاتي موجب گودامن ۾ 1.376 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، اها ڪڻڪ سال 2022-23 ۽ 2023-24 ۾ ذخيرو ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن اها ڪڻڪ خراب ٿي ته خدشو آهي ته 150 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيندو،  ٻي پاسي آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي فوري طور تي ذخيرو ٿيل ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ذخيرو ٿيل ڪڻڪ جي ڪري هارين کي نئين فصل تي نقصان ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.