پير سليمان شاهه راشدي جي استعيفيٰ منظور ٿي وئي

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران مبينا طور تي ناروا سلوڪ ڪرڻ تي احتجاج طور استعيفا ڏيندڙ آفيسر پير سليمان شاهه راشدي جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي، انفارميشن گروپ جي گريڊ 18 جي ​​آفيسر پير سليمان شاهه راشدي جي استعيفيٰ فوري طور تي قبول ڪئي وئي آهي، سڌ سماءَ واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته پير سليمان شاهه راشدي نومبر 2024 ۾ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج بعد استعيفيٰ ڏني هئي، ذريعن موجب پير سليمان شاهه راشدي جو لاڙو پي ٽي آءِ ڏانهن هو، اليڪشن دوران عمران خان جي حق ۾ بيان ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.