پاڪستان جي جمهوريت جي درجه بندي ڪِري پئي، آمراڻي حڪومت جي دائري ۾ اچي ويو

لنڊن(ع آ نيوز) پاڪستان جي جمهوريت جي درجه بندي 2024 ۾ 6 درجا هيٺ ٿي وئي آهي ۽ "دنيا جي 10 بدترين ڪارڪردگي ملڪن” ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهو انڪشاف اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ پاران جاري ڪيل ڊيموڪريسي انڊيڪس رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ 165 آزاد رياستن ۽ 2 خطن  ۾ جمهوريت جي رجحانن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. انڊيڪس پنجن اهم علائقن، چونڊ عمل،  حڪومتي ڪارڪردگي، سياسي شموليت، سياسي ثقافت، ۽ شهري آزادين جي تحفظ تي ٻڌل آهي. هر ملڪ کي ان جي اسڪور موجب چئن قسمن جي نظامن ۾ ورهايو ويو آهي، يعني مڪمل جمهوريت، ناقص جمهوريت، هائبرڊ نظام يا آمراڻو راڄ. رپورٽ موجب عالمي سطح تي جمهوريت ۾ مجموعي طور تي گهٽتائي آئي آهي ۽ پاڪستان 2.84 جي مجموعي اسڪور سان عالمي رينڪنگ ۾ 124 هين نمبر تي اچي ويو آهي، جنهن جي بنياد تي هن کي آمراڻي حڪومت قرار ڏنو ويو آهي.عالمي انڊيڪس ۾ گهٽتائي کي "آمراڻي حڪومتن جي اسڪور ۾ وڌيڪ خرابي” سان منسوب ڪيو ويو. واضح رهي ته آمريتي حڪومتون وقت سان گڏ وڌيڪ آمرانه ٿينديون وڃن ٿيون. اسان جي انڊيڪس مطابق دنيا جي آبادي جو ٽيون حصو (39.2 سيڪڙو)، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي آمريت جي راڄ هيٺ زندگي گذارڻ سبب     هاڻي 60 ملڪن کي ”آمراڻيون حڪومتون“ قرار ڏنو ويو آهي.   رپورٽ ۾ علائقائي تجزيو پڻ شامل آهي .اهو چيو ته ايشيا ۽ آسٽريليا ۾ سراسري انڊيڪس سکور 2024 ۾ مسلسل ڇهين سال 5.31 کان 5.41 تائين گهٽجي ويو. "بنگلاديش، ڏکڻ ڪوريا ۽ پاڪستان بدترين ڪارڪردگي وارا ملڪ هئا .جنهن جي عالمي رينڪنگ ۾ بالترتيب 25، 10 ۽ 6 درجا گهٽتائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب گذريل سال پاڪستان سميت 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي حصو ورتو. "بنگلاديش، ڏکڻ ڪوريا ۽ پاڪستان بدترين ڪارڪردگي وارا ملڪ هئا .جنهن جي عالمي رينڪنگ ۾ بالترتيب 25، 10 ۽ 6 درجا گهٽتائي ڪئي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان ۽ سريلنڪا جهڙا ملڪ  چونڊ ڌانڌلي، فرقيواراڻي سياست ۽ سياسي افراتفري جهڙن سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ وارا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.