مون کي ڪوچ بڻايو، هڪ سال ۾ پاڪستان کي دنيا جي مضبوط ٽيم بڻائيندس: يوگراج سنگهه

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه جي پيءُ يوگراج سنگھه پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوچنگ ڪرڻ آڇ ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن پاڪستان جي گروپ مرحلي مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ اداڪار يوگراج سنگھه پاڪستان ٽيم کي ڪوچنگ جي آڇ ڪئي آهي.
پاڪستان ٽيم کي پهرين نيوزيلينڊ ۽ پوءِ ڀارت هٿان شڪست ملي، جنهن بعد اڳوڻن پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ تجزيي نگارن پاران قومي ٽيم تي سخت تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، يوگراج سنگهه جيڪو پنهنجي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پڻ هلائي رهيو آهي، پاڪستان ٽيم تي تنقيد ڪندڙ اڳوڻن پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي به نشانو بڻايو.
يوگراج سنگهه چيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ٽيم بابت سخت ٻولي استعمال ڪندي شرم اچڻ گهرجي.
هن چيو ”مون کي پاڪستاني ٽيم جو ڪوچ بڻايو هڪ سال ۾ ٽيم کي مضبوط ڪري ڏيکاريندس، توهان سڀ ياد رکندئو.“
سندس چوڻ هو ته جذبي جي ڳالهه آهي، مان پنهنجي اڪيڊمي ۾ روز 12 ڪلاڪ موجود هوندو آهيان، وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ سولو آهي، پر ملڪ لاءِ رت پگهر وهائڻو پوندو آهي.
يوگراج سنگھه وسيم اڪرم تي به تنقيد ڪندي چيو ته ”وسيم اڪرم کي گهرجي ته هو ڪامينٽري ڇڏي نون رانديگرن جي ڳولا لاءِ ڪيمپ لڳائي.“
هن چيو ته ” مان ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪيترا اڳوڻا رانديگر پاڪستان ٽيم جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن هو ورلڊ ڪپ کٽي سگهن، جيڪڏهن نٿا ڪري سگهن ته استعيفيٰ ڏين.“
هن سوال اُٿاريو ته ڇا پاڪستان ۾ ڪو آهي جيڪو عمران خان جيان نوجوان ڪرڪيٽرن جي رهنمائي ڪرڻ وارو آهي؟
وسيم اڪرم، وقار يونس، ۽ شعيب اختر ٽيلنٽ بابت ڳالهائي رهيا آهن، پاڪستان ٽيلنٽ سان ڀرپور آهي، توهان جي صلاحيتن کي به ڪنهن پرکيو هوندو، جنهن کانپوءِ توهان سپر اسٽار بڻيا.
هن وڌيڪ چيو ته ”مون کي بلڪل پسند ناهي ته ڪنهن به ملڪ جو ڪو به شخص پنهنجن رانديگرن بابت اهڙيون ڳالهيون ڪري.“
ياد رهي ته يوگراج سنگھه اسي واري ڏهاڪي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري دوران هڪ ٽيسٽ ۽ ڇهن ون ڊي ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.