ميٽا جي ملڪيت انسٽاگرام کي عام طور تي فوٽو شيئرنگ ايپ سمجهيو ويندو آهي، پر هاڻي اها وڊيو شيئرنگ سروس به بڻجڻ واري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، انسٽاگرام جي طرفان مختصر وڊيوز (ريلز) لاءِ هڪ الڳ ايپ آڻڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ان معاملي تي عهديدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پر ڪمپني طرفان اڃا تائين خبر بابت تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
رپورٽن موجب، اِها نئين ايپ ٽِڪ ٽاڪ سان مقابلي لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي، جيڪا هن وقت انسٽاگرام کان وڌيڪ مقبول آهي.
هڪ اندازي موجب هن وقت سڄي دنيا ۾ ٽِڪ ٽاڪ واهپيدارن جو انگ 1 ڏهائي 90 ارب کان مٿي آهي. جڏهن ته انسٽاگرام واهپيدارن جو انگ 2 ارب آهي.
ان کان اڳ ميٽا انسٽاگرام لاءِ ”ايڊٽس“ نالي هڪ وڊيو ايڊيٽنگ ايپ پڻ متعارف ڪرائي هئي.
جنوري 2025 ۾ انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ”ٿريڊز“ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته ايڊٽس مفت وڊيو ايڊيٽنگ لاءِ مختلف ٽولز مهيا ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته ايپ ۾ هڪ ٽيب ”انسپائريشن“ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻي ٽيب شروعاتي خيالن کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ آهي.
ان کان کانسواءِ واهپيدار هِن ايپ ذريعي 10 منٽ تائين وڊيو رڪارڊ ڪري سگهن ٿا، جنهن کي پوءِ مختلف ٽولز ذريعي ايڊٽ ڪرڻ، فلٽرز ۽ اسپيشل افيڪٽس شامل ڪري سگهن ٿا.
You might also like