ڇوڪريءَ جي قبر تي ڪارو جادو ڪندڙ شخص گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قبرستان ۾ ڇوڪريءَ جي قبر تي ڪارو جادو ڪندڙ شخص کي مقامي ماڻهن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي ۾ قبرستان ۾ جادو، عمليات ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.
مقامي ماڻهن جوابدار کي پڪڙي چونترا ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ياسين بخاري قبر جي بي حرمتي ڪري رهيو هو، سندس قبضي مان انساني جسم جو پتلو ۽ ڪوڪا برآمد ڪيا ويا آهن.
جوابدار هڪ فوت ٿيل ناري جي قبر تي عمليات ڪري رهيو هو ۽ مٽي جو انساني پتلو، تعويز ۽ ڪوڪا قبر ۾ دفنائي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.