اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي قومي ڏوهاري قرار ڏيندي تحريڪِ انصاف کي پنهنجو سربراهه تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف کي پنهنجو سربراهه تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني قومي ڏوهاري آهي، کيس هٽائي ايماندار قيادت آندي وڃي.
احسن اقبال جو چوڻ هو ته اپوزيشن پاڪستان جي ترقي سبب پريشان آهي، جڏهن ته ملڪ کي سياسي لانگ مارچ نه پر معاشي لانگ مارچ جي سخت ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي صورتحال اها آهي جو اپوزيشن خالي ڪرسيون رکي ڪانفرنسون ڪري رهي آهي.
پي ٽي آءِ باني لنڊن مان ملندڙ چوري ٿيل رقم ٻيهر چور جي ئي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي.
You might also like