اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين جي ڪانفرنس روڪڻ لاءِ انتظاميا هوٽل کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪجهه اڳواڻ هوٽل جو گيٽ ٽپي اندر داخل ٿي ويا.
اپوزيشن جماعتن جي ڪانفرنس اسلام آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾رٿيل هئي، پر انتظاميا ان کان اڳ ئي هوٽل کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته هتي ڪنهن به قسم جي ڪانفرنس جي اجازت ناهي.
اجازت نه ملڻ باوجود اپوزيشن پارٽين جا ڪجهه اڳواڻ گيٽ ٽپي هوٽل ۾ داخل ٿيا ۽ اندران مک دروازو کوليو، جنهن بعد سڀ ماڻهو هوٽل ۾ داخل ٿي ويا.
اپوزيشن اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت هڪ ڪانفرنس کان به گهٻرائي رهي آهي، جڏهن ته هوٽل انتظاميا ٻڌايو ته کين ڌمڪيون ڏنيون ويون.
اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، شاهد خاقان عباسي، صاحبزاده حامد رضا ۽ سلمان اڪرم راجا هوٽل جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ان کانپوءِ ۾ اپوزيشن اڳواڻن هوٽل جي لابي ۾ ئي ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته پوليس اهلڪار ۽ ايف سي جا دستا هوٽل جي ٻاهران موجود رهيا.
ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب خطاب ڪندي چيو ته اسان آئين پاڪستان ۽ قانون جي بالادستي لاءِ بيٺا آهيون، ملڪ هن وقت ترقي نه پيو ڪري، جڏهن ته هن حڪومت وٽ عوام جو مينڊيٽ ناهي.
اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پوليس جا دستا موڪليو يا دروازا بند ڪريو، اسان هر صورت ۾ پنهنجو ڪم ڪنداسين، حڪمران جهموريت جون ڳالهيون ته ڪن ٿا پر اپوزيشن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن.
مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو لڳندو هو، تڏهن اسان گڏ بيٺا هئاسين، پر هاڻ توهان ڊڄي رهيا آهيو، جيڪڏهن ايمانداري سان اچو ها ته ڊڄو نه ها.
مخالف ڌر جي ڪانفرنس روڪرائڻ لاءِ هوٽل بند، ” حڪمران ايمانداري سان اچن ها ته اڄ ڊڄڻ نه ها“
You might also like