اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي ۽ ٻين ججن وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ هيٺ عام شهرين جي فوجي عدلتن ۾ ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جتي سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي دليل پيش ڪيا.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي چيو ته وڪيل طور جڏهن ڪيس هارائيندي هيس ته بار ۾ تمام گهڻو گوڙ ڪندي هيس، چوندي هيس ته ججن ٽرڪ ڊرائيورن وانگر اشارو هڪ پاسي جو ڏنو ۽ ويا ڪنهن ٻئي پاسي.
ان موقعي تي جسٽس حسن اظهر سوال ڪيو ته ڇا توهان به ٽرڪ هلائينديون آهيو؟ جنهن تي جسٽس مسرت جواب ڏنو ٽرڪ ته مان هلائي سگهان ٿي.
جسٽس مسرت چيو ته سندس پيءُ فريڊم فائٽر هو، سندن سڄي حياتي جيلن ۾ گذري، سندس شاعري هن جي وفات کانپوءِ هڪ پشتون جرڳي ۾ ڪنهن پڙهي ته اهو پڙهندڙ به گرفتار ٿي ويو.
ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل صديقي احمد فراز ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته احمد فراز تي الزام لڳو هو ته هو شاعري ذريعي فوجي آفيسر کي ڀڙڪائي رهيو هو، احمد فراز ۽ فيض احمد فيض جو ڊاڪٽر منهنجو پيءُ هو، مون تي به ڀڙڪائڻ جا الزام لڳا پر مان گرفتار نه ٿيس، ان تي جسٽس مندوخيل مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته اوهان کي هاڻي گرفتار ڪرايون ٿا.
جسٽس نعيم افغان ماضي جو واقعو ياد ڪندي ٻڌايو ته شاعر احمد فراز هڪ نظم بابت عدالت ۾ اِهو چيو هوته اِهو نظم هن ناهي لکيو، جنهن تي جسٽس افضل ظُله چيو ته توهان ڪو اهڙو نظم لکو جيڪو فوج جي جذبن جي ترجماني ڪري.