ڪراچي (م ڊ)شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عائشا عيساڻي قيصر مجيد جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي، سندس وائيس چانسلر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن گذريل سال 13 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو هو پر هن جوائننگ نه ورتي هئي، کيس 6 مهينا انتظار ڪيو ويو پر هوءَ اسلام آباد جي هڪ يونيورسٽي جي پي وي سي ٿي وئي ۽ شڪارپور اچڻ لاءِ تيار نه هئي.