راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ پاڪستان ٽيم جي چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا.
ميگا ايونٽ ۾ ۾ ميزبان ۽ دفاعي چيمپيئن طور شامل ٿيندڙ پاڪستان ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيندڙ پهرين ٽيم آهي.
پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف، جڏهن ته ٻي ميچ دبئي ۾ روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏي ۽ ٻنهي ميچن ۾ شڪست کاڌي.
ان حوالي سان رڪي پونٽنگ چيو ته پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي صلاحيتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري رهي آهي يا نه اهو هڪ اهم سوال آهي.
هن چيو ته مئنيجمينٽ پنهنجن وڏن اثاثن مان فائدو وٺڻ ۾ ناڪام رهي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيا، کين وڌيڪ رنسون ٺاهڻ گهرجن ها، پر هو ٻئي ٽورنامينٽ جي ٻنهي ميچن ۾ سٺو کيڏي نه سگهيا.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته ٽاپ رانديگرن جو ٽورنامينٽ ۾ پرفارم نه ڪرڻ ئي شايد پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ نه پهچڻ جو سبب آهي.
رڪي پونٽنگ اهم مقابلن ۾ پرفارم ڪرڻ تي ڀارتي اسٽار ويرات ڪوهليءَ جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته سدائين چيو ويندو آهي ته وڏا مقابلا کٽڻ لاءِ وڏن رانديگرن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڀارت لاءِ سڀ کان وڏي ميچ پاڪستان خلاف هئي.
هن چيو ته توهان جي ساک انهيءَ ڪري ٺهندي آهي جو توهان عالمي اسٽيج تي وڏين ميچن ۾ ڪهڙي ريت پرفارم ڪريو ٿا.
چيمپيئنز ٽرافيءَ مان پاڪستان ٽيم جي نيڪالي، پونٽنگ ٻن رانديگرن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
You might also like