عوامي ورڪرز پارٽي ۾ اختلاف، بخشل ٿلهي ۽ عاصم اختر کي نيڪالي

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، عوامي ورڪرز پارٽي جي هڪ ڌڙي پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري  جنرل بخشل ٿلهي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عاصم سجاد اختر کي مختلف الزام هڻي پارٽي کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي، عوامي ورڪرز پارٽي جي ان ڌڙي جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل جاويد اختر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي جي وفاقي ڪميٽي جو اجلاس صدر اختر حسين ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ 26 ۽ 27 فيبروري تي ملتان ۾ ٿيو، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪندي عثمان فانوس گجر جي اپيل تي بحث ڪندي سندس رڪنيت ۽ مرڪزي يوٿ سيڪريٽري جو عهدو بحال ڪيو ويو، جڏهن ته پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عاصم سجاد اختر کي پارٽي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ، پاڻ کي پارٽي کان الڳ ڪرڻ، وفاقي ڪميٽي جي گڏجاڻي ڪرڻ بنا الڳ پارٽي ٺاهڻ جو  اعلان ڪرڻ تي ٻنهي عهديدارن کان لاتعلقي ڪندي واضح ڪيو ويو آهي ته اڄ کانپوءِ هنن جو ڪو تعلق ناهي ۽ ايندڙ ڪانگريس تائين آرگنائيزنگ سيڪريٽري جاويد اختر قائم مقام سيڪريٽري جنرل جا فرض سرانجام ڏيندو رهندو، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جون پارٽيون پنهنجون صوبائي/قومي ڪانگريس هن سال اپريل جي پهرين حصي ۾ منعقد ڪنديون، سنڌ لاءِ مير حسن سريوال، اثر امام ۽ ٻيا ذميوار هوندا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه لاءِ حيدر زمان، عثمان فانوس گجر ۽ ٻيا ذميوار هوندا، پارٽي جي وفاقي ڪانگريس 27 اپريل تي لاهور ۾ ٿيندي، هر صوبي مان 50 نمائندا شرڪت ڪندا، ڪانگريس مئنجمينٽ ڪميٽي، فنڊ ڪميٽي ۽ اليڪشن ڪميشن پڻ مقرر ڪيا ويا. اختر حسين، صباح الدين صبا، حيدر زمان، امير حمزه ورڪ ۽ اظفر امام دستاويز لکڻ جا ذميوار هوندا، وفاقي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 26 اپريل تي لاهور ۾ ٿيندو،  ٻئي طرف عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهي عوامي آواز سان ڳالهائيندي کين پارٽي کان ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪندڙن جي فيڊرل ڪميٽي کي رد ڪندي چيو ته اسان کي پارٽي کان ڌار ڪرڻ جا اعلان ڪندڙ ان فيڊرل ڪميٽي جي ڪا به حيثيت ناهي، هن چيو ته آئون عوامي ورڪرز پارٽي جو وفاقي سيڪريٽري جنرل رهيو آهيان، اسان اڳ ئي اهو اعلان ڪري چڪا هئاسين ۽ ان گروپ کان لاتعلقي ڪئي هئي، اسان پنهنجي الڳ ڪانگريس ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو هو، اسان جي پارٽي جي فيڊرل ڪميٽي 50 ميمبرن تي آهي پر هي گروپ صرف 10 کان 12 ماڻهن تي مشتمل آهي، ان ڪري اسان ان گروپ کان الڳ آهيون ۽ پنهنجي ڌار ڪانگريس ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.