اسلام آباد(آصف بشير چوڌري/فخردراني) سياستدانن وٽ موجود اثاثن جي حوالي سان حيرت انگيز انڪشاف سامهون آيا آهن. ڪجهه سياستدانن جا اثاثا 2018 ۾ وڌيڪ هئا هن وقت گهٽجي ويا آهن انهن ۾ نوازشريف، شهبازشريف، علي امين گنداپور شامل آهن. جن سياستدانن جا اثاثا وڌيا آهن تن ۾ صدرآصف زرداري،بلاول ڀٽو زرداري، سردار اياز صادق شامل آهن.نوازشريف وٽ 1 ڪروڙ اسي لک جا اثاثا هئا جيڪي هينئر 15 ڪروڙ تي پهتا آهن.انهن مان 7.9 ڪروڙ پرڏيهي ۾ موجود پراپرٽي آهي جڏهن ته ملڪ اندر صرف ساڍا ست ڪروڙ جا اثاثا آهن.شهباز شريف وٽ 2018 ۽ 19 ۾ 31 ڪروڙ جااثاثا هئا هاڻي وٽس پرڏيهه ۾ 5.4 ڪروڙ روپيا ۽ ملڪ اندر صرف 1.4 ڪروڙجااثاثا آهن.علي امين گنڊاپور صرف 96 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي 2018 ۾ 10 ڪروڙ 70 لک جا اثاثا هئا.مولانا فضل الرحمان 62 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي.آصف زرداري اڳ ۾ ملڪ اندر 9 ڪروڙ 90 لک جو مالڪ هئو پرڏيه ۾ وٽس 65 ڪروڙ 40 لک جااثاثا هئا ،هاڻي وٽس تقريبن 2 ارب روپين جا اثاثا آهن.بلاول ڀٽو زرداري وٽ هڪ ارب 90 ڪروڙ جااثاثا آهن.