لاهور (ويب ڊيسڪ) افغانستان چيمپيئنز ٽرافي جي اهم مقابلي ۾ انگلينڊ کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 325 رنسون ٺاهيون، ابراهيم زادران 177 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، عضمت الله 41، محمد نبي ۽ ڪپتان حشمت الله 40-40 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 49.5 اوورن ۾ 317 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، روٽ 120 رنسن جي اننگز باوجود ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.
Next Post
You might also like