نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت شهر پوني جي مصروف علائقي سوار گيٽ بس اسٽينڊ ۾ هڪ 26 ورهين جي عورت سان لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي.
مبينا زيادتي هڪ بس ۾ ڪئي وئي ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته واقعو اهڙي هنڌ پيش آيو، جتان پوليس ٿاڻو رڳو 100 ميٽر جي فاصلي تي هو.
پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جوابدار جي سڃاڻپ ٿي آهي پر گرفتاري اڃا تائين عمل ۾ ناهي اچي سگهي.
فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار اڳ ۾ متاثر عورت سان گفتگو ڪري رهيو آهي ۽ پوءِ کيس ”ادي“ چئي مخاطب ڪري ٿو، هو کيس هڪ بس ۾ ويهاري ٿو ۽ چئي ٿو ته اها ئي بس کيس منزل تي پهچائيندي.
عورت موجب اونداهي جي شڪايت تي جوابدار چيو ته ٻيا مسافر سُتا پيا آهن، تنهن ڪري روشني بند آهي، جيئن ئي هوءَ بس ۾ داخل ٿي ته جوابدار در بند ڪري ڇڏيو ۽ ساڻس لڄالٽ ڪئي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته اها جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي ته بس ڊپو انتظاميا پنهنجي حدن ۾ اهو واقعو ڪيئن ٿيڻ ڏنو ۽ سيڪيورٽي انتظامن ۾ ڪوتاهي ڇو ٿي.
Next Post
You might also like