” بابر کي گاريون ڏيڻ صحيح طريقو ناهي، هو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسپورٽس صحافي وڪرانت گپتا پاڪستاني ڪرڪيٽر بابر اعظم تي ٿيندڙ سخت تنقيد تي پنهنجو موقف ڏنو آهي.
هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن بابر اعظم جي حمايت ڪندي چيو ته ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ ايم ايس ڌوني به اهڙن مرحلن مان گذريا آهن، جتي هو ٽيم لاءِ سٺو پرفارم نه ڪري سگهيا، پر ڀارت ۾ کين گاريون نه ڏنيون ويون.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ رانديگرن تي خراب ڪارڪردگي تي تنقيد ضرور ڪئي ويندي آهي، پر پاڪستاني ميڊيا بابت ڪجهه نه چوندس، ڇو ته هتي تمام سٺي بحث ٿي رهيو آهي، پر ڊجيٽل ميڊيا تي ناجائز تنقيد ٿي رهي آهي.
وڪرانت گپتا چيو ته بابر اعظم کي ائين پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ هو ڪو چور يا ڌاڙيل هجي، جيڪا ڳالهه بلڪل غلط آهي.
بابر اعظم جي ڪپتاني بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بابر اعظم جي غلطي اها هئي ته هن ٻيهر ڪپتان بڻجڻ لاءِ راضي ٿيو، جڏهن ته هڪ ڀيرو اڳ ئي هن کان ڪپتاني وٺي وئي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته بابر اعظم تي تنقيد جو بار وڌي ويو آهي، جنهن سبب هو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي. ويرات ڪوهلي تي به اهڙو وقت آيو هو پر هن جلدي ان مان نڪرڻ جو رستو ٺاهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.