اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احسن ڀون ايڊووڪيٽ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر بڻجي ويو.
پاڪستان بار ڪائونسل احسن ڀون کي جڊيشل ڪميشن ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پاڪستان بار ڪائونسل موجب احسن ڀون 14 ووٽ کڻي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر چونڊيو آهي ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين ڪميشن جو ميمبر رهندو.
جڊيشل ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي جي جاءِ اختر حسين جي استعيفيٰ سبب خالي ٿي هئي.
Prev Post
You might also like