آءِ ايم ايف اليڪٽريڪل گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي رعايت جي تجويز رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي ۾ ٽيڪس جي تجويز ڪيل رعايت رد ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف اليڪٽريڪل وهيڪل پرزن جي مقامي وڪري تي سيلز ٽيڪس ۾ رعايت جي مخالفت ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي ۾ ٽيڪس جي شرح معمول موجب هجڻ گهرجي، اليڪٽريڪل گاڏين جي تياري جي ڪچي مال تي به سيلز ٽيڪس جي رعايت نه ڏني وڃي.
آءِ ايم ايف اختيارين چيو ته لوڪل سپلاءِ، پرزن جي وڪري تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ نه ڏني وڃي، اليڪٽريڪل وهيڪل تي اڳتي نئين ٽيڪس ڇوٽ نٿي ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.