پاڪستان ۾ صحافت مري وئي، اردو اخبارن جي مالڪن ڪروڙن جي اشتهار لاءِ فرنٽ پيج ”يرغمال“ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) پاڪستان ۾ صحافت مري وئي، فرنٽ پيج مڪمل طور ڪارڪردگي جي تشهير لاءِ ڏيڻ جي حوالي سان صحافتي حلقن ۾ نئون بحث ڇڙي پيو آهي، ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته اشتهار  کي خبر جي طور تي پيش ڪرڻ فيڪ نيوز آهي، انهن سمورين اخبارن تي پيڪا قانون تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ميڊيا کي 60 ارب رپيا اشتهارن جي مد ۾ ڏنا ويا، جن مان 35 ارب وفاقي ۽ 25 ارب صوبائي حڪومتن ڏنا. فائدو وٺندڙ ادارن ۾ جنگ، دنيا، ايڪسپريس ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته ڊجيٽل ميڊيا تي به پيسو لڳايو پيو وڃي. ميڊيا ۾ اشتهارن جي اوٽ ۾ اسٽوريز جي صورت ۾ مواد هلايو پيو وڃي جيڪو ميڊيا جي اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. حڪومت اشتهارن ذريعي ميڊيا تي اثر انداز ٿيڻ ۽ ڪجهه خبرون دٻائڻ جو اختيار رکي ٿي، جنهن سبب عوام وڌيڪ ڊجيٽل ميڊيا جو رخ ڪري ٿو ۽ هاڻي ان لاءِ به قانونسازي ڪئي پئي وڃي. اخبارن ۾ مريم نواز جي حوالي سان اسٽوريز هونديون آهن جيڪي ظاهري طور تي اسٽوريز آهن پر اهو مواد پيسن تي هلايو وڃي ٿو، اها هڪ مس ليڊنگ آهي. پاڪستاني ميڊيا تي ساليانو 6 ارب رپيا خرب ٿين ٿا. ميڊيا تي پيسو سڀ کان وڌيڪ ن ليگ حڪومت طرفان لڳايو ويو آهي ۽ 2014 کانپوءِ جيڪا حڪومت آئي ان مکيا پيسو لڳايو آهي، اهو عوام جو پيسو آهي جيڪو حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ لڳائي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.