ملير(رپورٽ: جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل ملز انتطاميه 70 سيڪڙو ملازمن کي جبري طور تي برطرف ڪرڻ جا ليٽر جاري ڇڏيا. پاڪستان اسٽيل ايمپلائيز فرينڊ الائينس قانوني جنگ جو اعلان ڪيو آهي. برطرفين بابت انچارج اينڊ بي عبدالفتح گلال جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر نمبر PSM/A&P/RETRENCHMENT-4/2025/P-1179 مطابق انفرادي طور تي 1373 پورهيت جيڪي پهرين گريڊ کان ستين گريڊ ۽ ايڇ ايس ڊبليو ڪيڊر کي سندن گهرن تي ملازمت کان ڌار ڪرڻ لاءِ جبري برطرف ڪيو ويو آهي جن ۾ اسٽيل مل جا سمورا شعبا جن ۾ خاص طور تي سروسز شعبا جيڪي سيڪيورٽي، ٽرانسپورٽ، پاڻي، بجلي، صحت، تعليم سميت 22 کاتن مان ڄاڻايل پورهيت بغير ڪنهن جواز جي برطرف ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته انچارج اي اينڊ پي عبدالفتح گلال وزارت صنعت و پيداوار کي پڻ هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ان انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز 2 سئو 12 ارب روپيا خساري ۾ آهي ۽ مل بند آهي مل کي هلائڻ لاءِ تمام وڏو سرمايو گهربل آهي ۽ مل ٻن سالن جي مسلسل مرمت ۽ سرمائيڪاري کانپوءِ هلي سگهي ٿي پر ائين ممڪن نه رهيو ملازمن جي پگهارن لاءِ ڪنهن به قسم جا فنڊ نه آهن تنهن ڪري ملازمن کي فارغ ڪيو وڃي، پاڪستان اسٽيل مل ۾ هن وقت 22 سئو ڪل ملازم ڪم ڪري رهيا هئا جن مان 1373 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جا ليٽر ٻن ڏينهن اندر جاري ڪيا ويا آهن باقي 827 ملازم رهيا آهن جن کي ذريعن مطابق جون 2025 تائين فارغ ڪري مل جا اثاثا حڪومتي پاليسي تحت نيلام ڪيا ويندا جڏهن ته مل جي 19 هزار ايڪڙ زمين مان 6 هزار ايڪڙ زمين کپائي وئي آهي آيل آمدني بابت ڪنهن به قسم جي آڊٽ سامهون نه آئي آهي ۽ نه ئي وري مليل رقم قرض لاءِ ڏني وئي آهي. پاڪستان اسٽيل مل ڏانهن ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گئس، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جون اربين روپين جون رهتون پڻ رهيل آهن جڏهن ته رٽائرڊ ملازم جيڪي 60 سال بعد مل مان رٽائرڊ ٿيا تن جون رهتون به هي ادارو ادا نه ڪري سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن انچارج اينڊ پي عبدالفتح گلال سان رابطو ڪيو ته تنهن پنهنجي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي پاڪستان اسٽيل ايمپلائيز گرينڊ الائينس جي ڪنوينر شمشاد قريشي، جنرل سيڪريٽري اڪبر ناريجو، انفارميشن سيڪريٽري اڪبر ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي بدران پورهيتن کي جبري برطرف ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي هي عمل انتهائي ظالماڻو آهي اسين هن عمل خلاف عدالت جو در کڙڪائينداسين.