مورو (رپورٽ: جاني مورائي) سنڌ م ٺھندڙ ڪئنالن خلاف قوم پرستن جي مورو ۾ احتجاجي ڌرڻي کان اڳ مورو باء پاس تي پوليس سان ڇڪتاڻ دوران ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ گچيرو روڊ، مورو ٽول پلازا، درس روڊ کان به گرفتاريون ڪيون ويون آھن. پوليس جو چوڻ آھي تہ اسان بندش پيل تنظيم جا تقريبن 50 کان مٿي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا آھن جن کي مورو ٿاڻي جي لاڪپ سميت ٻين ٿاڻن جي لاڪپ ۾ رکيو ويو آھي. ٻئي پاسي قوم پرست ڪارڪنن جو چوڻ ھو تہ ڪينالن خلاف پر امن احتجاج ڪيو پيو وڃي اسان جي ڪارڪنن جي مختلف ھنڌن تي رستا روڪ ڪئي وئي آھي اسان سائین جي ايم سيد جي نظريي جا پيروڪار پرامن آھيون پر ان کي پر تشدد بڻايو ويو پوليس اسان جي مرڪزي رابطہ سيڪريٽري روحل لغاري، عالم بالادي، عائشہ سرگاڻي، سپي سرگاڻي سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا آھن اسان جي ڪارڪنن کي ظاھر نہ پيو ڪيو وڃي جن کي ظاھر ڪري اسپتال مان علاج ڪرايو وڃي. ايس ايس پي نوشھرو فيروز سنگھار ملڪ مورو پھچي صورتحال جو جائزو ورتو ء چیو تہ ڪنھن کي بہ قانون ھٿ م کڻڻ جي اجازت ھرگز نہ ڏينداسين ھتي نيشنل ھاء وي تي مسافر گاڏين عام ماڻھن پوليس تي ڪجھہ ماڻھن پاران پٿراء ڪيو ويو ان کان پوء پوليس بہ جوابي ڪاروائي ڪئي آھي.