ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جي گولاڙچي ۾ ريلي،ڌرڻو

گولاڙچي(رپورٽ: عيدن زينپور)ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان گولاڙچي ۾ احتجاجي ريلي ڪئي وئي، گولاڙچي بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي، روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ٽرئفڪ معطل. سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ سنڌو درياهه جا وهڪرا بحال رکڻ جي مطالبن جا پلي ڪارڊ کڻي عورتون ۽ ٻارڙا به ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري،  مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ڊاڪٽر دلدار لغاري عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو،دلدار نوحاڻي،جميل ملاح ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي زمينون ڏيڻ لاءِ احمد راڄو جي ڳوٺاڻن کي لڏايو پيو وڃي، انهن متاثر ڳوٺاڻن ۽ ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنهور پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مراد علي شاهه احسن اقبال سان گڏجي ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندڙ قومپرستن خلاف مهم هلائي رهيو آهي، مراد علي شاهه چئي ٿو ته ڪئنالن کي ڪنهن به فورم تي رد ڪري سگهون ٿا ته پوءِ هو رد ڇو نٿو ڪرائي؟ هنن چيو ته  مريم نواز هڪ اداري جي سربراهه سان گڏجي چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جو افتتاح به ڪيو پر ان باوجود مراد علي شاهه چئي ٿو ته ڪئنال ڪو نه ٺهندا، پيپلز پارٽي کان سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺبو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.