واٽس ايپ تي بليو ٽڪ ظاهر ٿيڻ کانسواءِ پيغام پڙهڻ جا طريقا ڄاڻيو

ڪيترائي ماڻهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته واٽس ايپ تي بليو ٽڪ ظاهر ٿيڻ کانسواءِ پيغام ڪيئن پڙهجن?
بليو ٽڪ جو مقصد هوندو آهي ته موڪليل پيغام پڙهجي چڪو آهي، پر ڪجهه ماڻهو چاهيندا ته پيغام موڪليندڙ کي خبر نه پئي ته سندس ميسيج پڙهي چڪو آهي.
ان حوالي سان خوشخبري اها آهي ته بليو ٽڪ کانسواءِ پيغام پڙهڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن.

نوٽيفڪيشن بار ذريعي پڙهڻ
جڏهن ڪو پيغام اچي ته فون ان لاڪ ڪرڻ کانسواءِ نوٽيفڪيشن بار مان ئي پڙهي سگهو ٿا.
پر احتياط ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن غلطيءَ سان نوٽيفڪيشن تي ڪلڪ ٿي وڃي ته پيغام کولي ويندو ۽ بليو ٽڪ ظاهر ٿي ويندي.

ايئر پلين موڊ جو استعمال
واٽس ايپ تي پيغام اچڻ بعد موبائل جو ايئرپلين موڊ آن ڪيو پوءِ واٽس ايپ کوليو ۽ پيغام پڙهو.
ان کان پوءِ ايپ بند ڪريو ۽ ايئرپلين موڊ بند ڪريو، اهڙي طريقي سان بليو ٽڪ ظاهر نه ٿيندي.

ريڊ ري سيپٽس بند ڪرڻ
ان لاءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز ۾ وڃو، پرائيويسي سيڪشن کوليو ۽ ريڊ ري سپيٽس جو آپشن بند ڪريو.
پر ياد رهي جيڪڏهن اهو آپشن بند ڪيو ته اوهان کي به پتو نه پوندو ته ڪنهن اوهان جو پيغام پڙهيو آهي يا نه.

واٽس ايپ پوپ اپ جو استعمال ڪريو
پوپ اپ نوٽيفڪيشن به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ موبائل جي سيٽنگز مان نوٽيفڪيشن سيڪشن کوليو، More Notification Settings تي وڃو ۽ Notification on the Screen آپشن آن ڪريو. پوءِ واٽس ايپ جي سيٽنگز مان Always Show Popup جو آپشن چونڊيو.
اهڙي طريقي سان اوهان واٽس ايپ کولڻ کانسواءِ پيغام پڙهي سگهو ٿا.
اهي سڀ طريقا انهن لاءِ ڪارائتا آهن، جيڪي ڪنهن به سبب جي ڪري واٽس ايپ تي بليو ٽڪ ظاهر ڪرڻ کانسواءِ پيغام پڙهڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.