راندين جي ميدان مان پاڪستان لاءِ وڏي خوشخبري

لاهور (ويب ڊيسڪ) 14هين سائوٿ ايشين گيمز 23 جنوري 2026 کان 31 جنوري تائين پاڪستان ۾ منعقد ٿينديون.
سائوٿ ايشين اولمپڪس ڪميٽي گيمز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اولمپڪس ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس لاهور ۾ پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي صدر عارف سعيد جي سربراهي ۾ ٿيو.
14هين ايشين گيمز 23 جنوري 2026 کان 31 جنوري تائين پاڪستان ۾ جاري رهندي، سائوٿ ايشين گيمز جا مقابلا لاهور، فيصل آباد ۽ اسلام آباد ٿيندا.
اجلاس دوران ارشد نديم ۽ نيرج چوپڙا جي پئرس اولمپڪس ۾ ميڊلز تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ايٿليٽس ڏکڻ ايشيا کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، سندن ڪاميابي راندين کي امن جو ذريعو ثابت ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.