ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا دبئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود هئي، پر هوءَ ميچ دوران نظر نه آئي.
اروشي روٽيلا ڪجهه وقت اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽر نسيم شاهه جي وڊيو شيئر ڪرڻ سبب خبرن ۾ رهي هئي. ماضيءَ ۾ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽن ذريعي نسيم شاهه جي واکاڻ ڪندي رهي ۽ کيس سالگرهه جي مبارڪباد به ڏني هئي، پر نسيم شاهه ان تي ڪو به ردعمل نه ڏيکاريو.
آچر ڏينهن پاڪ-ڀارت ميچ ۾ اروشي روٽيلا نسيم شاهه کي نظرانداز ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي همراهه سان گڏ نظر آئي، هوءَ سڄي ميچ دوران ان ئي شخص سان تصويرون ڪڍرائيندي رهي.
You might also like