ڀارت هٿان شڪست ۽ چيمپيئنز ٽرافي مان نيڪالي بعد قومي ٽيم جي خاموشيءَ سان ڏيهه واپسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت هٿان بدترين شڪست کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم دبئي کان خاموشيءَ سان اسلام آباد پهچي وئي.
دبئي کان پاڪستاني ٽيم جو جهاز پهريان لاهور پهتو، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ۽ بورڊ جا عهديدار لٿا، ان کانپوءِ جهاز ٻيهر اُڏام ڀري ۽ اسلام آباد لينڊ ڪيو، جتي باقي ٽيم لٿي.
سفر دوران غير معمولي خاموشي ڇانيل رهي، رانديگر پاڻ ۾ به گهٽ ڳالهائي رهيا هئا.
ڀارت خلاف آچر ڏينهن دبئي ۾ ٿيل هڪ طرفي شڪست کانپوءِ ڏيهه واپسي تي رانديگرن جا چهرا لٿل ۽ سر جهڪيل نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.