ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي رمضان جي پهرئين ڏهاڪي ۾ موسم خوشگوار رهڻ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جي فوڪل پرسن موجب، رمضان جي پهرئين ڏهاڪي دوران موسم بهتر رهندي، جڏهن ته آخري ڏهاڪي ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان آهي.
اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته ڪراچي ۾ رمضان جي آخري ڏهاڪي دوران گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
ان کان کانسواءِ صوبي جي ٻين علائقن ۾ به گرمي وڌڻ جو امڪان آهي، خاص طور تي ڏاکڻي ضلعن ۾ آخري ڏهاڪي دوران گرمي پد 40 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي، ماحوليات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ثاقب حسين نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پنجاب ۾ رمضان جي پهرئين ڏهاڪي ۾ برسات متوقع آهي، جنهن سبب گرمي پد 22 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 15 هين روزي کانپوءِ گرمي 30 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿي.
واضح رهي ته سپارڪو جي ترجمان موجب، پاڪستان ۾ پهرين رمضان 2 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like