دانشور، انساني حقن جو اڳواڻ ڊاڪٽر مهدي حسن لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(ع آ نيوز) ناليوارو تعليمي ماهر، صحافي، سينيئر تجزيه نگار، تاريخدان، ترقي پسند دانشور ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مهدي حسن لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر مهدي حسن 85 سالن جو هو ۽ هڪ پاڪستاني کاٻي ڌر جو صحافي، صحافت جو ڊين، ماس ميڊيا ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ ماس ميڊيا جو پروفيسر هو.  هن پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن پنجاب يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ 1990ع ۾ ڪولوراڊو يونيورسٽي ۾ فلبرائٽ اسڪالر رهيو. جنهن ۾ سندس تحقيقي موضوع ’ڪووريج آف ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز ان يو ايس ميڊيا‘ هو، هن آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ پڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا شايع ڪيا. مرحوم سوڳوارن ۾ سندس زال رخشنده حسن، پٽ، پوٽا، ڀائر، ڀائٽيا ۽ هزارين شاگرد سوڳوار ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.