جڊيشل ڪميشن ۾ به سياست اچي وئي

اسلام آباد (حامد مير) پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي ميمبر، سينيئر وڪيل اختر حسين جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڊيشل ڪميشن ۾ به سياست اچي وئي آهي. سياسي ورهاڱي جي ڪري ادارا تباهه ٿي رهيا آهن. ان بابت سوالن جا جواب ڏيندي اختر حسين چيو ته  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪي بدليون ٿيون آهن، آئين تحت بدلي ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جج کي ٻي هاءِ ڪورٽ کڻي وڃي سينيئر موسٽ بڻائڻ ان نيت سان ته اهو چيف جسٽس بڻجندو، اهو مان سمجهان ٿو ته غلط آهي، ان تي چيف جسٽس به راضي نه هو. لاهور هاءِ ڪورٽ ججن واري معاملي تي به اختلاف هو. اسان جو مطالبو ته وفاقي آئيني عدالتن جو پر آئيني عدالتون ٺهي  ويون آهن. اسان وٽ بار ۾ به اختلاف آهن، هڪ پاسي پي ٽي آءِ حامي آهن ته ٻئي پاسي حڪومت جا حامي آهن. پر آزاد ۽ عدليه جي سڌارن، جمهوري حوالي سان تنظيمون هجڻ گهرجن پر ائين نظر نٿو اچي. انهن اختلافن جي ڪري جڊيشل ڪميشن ۾ رهڻ مناسب نه لڳو ۽ استعيفيٰ ڏني. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر بئريسٽر عمير نيازي چيو ته عدليه رياست جو ٿنڀ آهي جيڪو آزاد هجڻ گهرجي، 26هين آئيني ترميم تي اسان جو اعتراض اهو ئي هو. ايگزيڪٽو جيڪڏهن آئيني عدالتون ٺاهيندو، ايگزيڪٽو ميمبر اپوزيشن وچ ۾ ويهندا ته جڊيشل معاملا ڪيئن هلندا؟ جيڪي جج هاڻي مقرر ٿيا آهن، هڪ ايڊهاڪ جج آيل آهي جيڪو انهن ئي سياستدانن کان جڊيشل ڪميشن ۾ ووٽ وٺندو، ڇا هو چڱي نموني پنهنجو ڪم ڪري سگهندو؟ اهو به سواليا نشان آهي. اڳواٽ ججن جي کوٽ واري هاءِ ڪورٽ مان جج کي کڻي ٻي عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڻڻ پٺيان ڪهڙو عوامي مفاد آهي؟ اها بينچ پيڪنگ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جنهن اداري تي سڀني جو اعتماد هجڻ گهرجي ۽ جيڪو ادارو مسئلا حل ڪري سگهي پيو، هاڻي اهو خواب بڻجي ويو آهي. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته اختر حسين جي استعيفيٰ بدقسمتي آهي، هر ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته جيڪو مان سوچان سمجهان ٿو اهو صحيح آهي، ٻيا سڀ غلط آهن. جنهن اداري ۾ اوهان ويٺا آهيو، اتي اوهان جي ڳالهه مڃي ته ٺيڪ آهي نه مڃي وڃي ته ڇا اهو فيصلو ٺيڪ ناهي؟ جيڪڏهن کيس جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تي اعتراض هو ته کيس پهرئين اجلاس ۾ ئي نه ويهڻ گهرجي ها. آئيني بينچ ته مولانا فضل الرحمان جي مسودي ۾ هئي اڄ به اوهان ان کان پڇي وٺو، اهو پي ٽي آءِ جو مطالبو هو ته اوهان وفاقي آئيني عدالت نه ٺاهيو، اوهان بينچ ٺاهيو. اهو تحفو ته مولانا فضل الرحمان ۽ پي ٽي آءِ جي اتحاد ۾ هو ۽ نيٺ 26هين ترميم 95 سيڪڙو مولانا فضل الرحمان جي مسودي تحت آهي. کوڙ ڳالهين تي اسان سندن ڳالهين کي مڃي پنهنجي ڳالهين تان هٿ کنيو. جڊيشل ڪميشن ۾ مڪمل توازن آهي. 5 ميمبر حڪومت جا آهن 2 اپوزيشن جا، هڪ بار جو نمائندو آهي. بيلنس ته اپوزيشن وٽ آهي. مان نه مڃان واري سوچ اسان جي ادارن کي تباهه ڪيو آهي ۽ سياست کي به تباهه ڪيو آهي. راڻا ثناءُالله جي جواب ۾ عمير نيازي چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ اوهان پاڪستان بار ڪائونسل کي نمائندگي ڏني آهي، اوهان کي خبر آهي ته اتي رولنگ گروپ اوهان سان گڏ آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ 2 ان جا بينيفشري بڻجي وڃن ٿا هڪ چيف جسٽس، ٻيو آئيني عدالت جو سربراهه، اوهان اهي به شامل ڪري ڇڏيا. اوهان ائين ڪندا ته توازن واضح آهي، انڌي کي به نظر ايندو. عدليه کي چٿڻ سان نقصان اسان جو ئي ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف کي به عدليه جي نظام تي يقين ناهي.  سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پيڪا ايڪٽ خلاف ٺهراءَ تي راڻا ثناءُالله چيو ته پيڪا ايڪٽ بابت هنن ٺهراءُ آندو هوندو پر ان کان اڳ موقف مختلف هو. چيو پيو وڃي ته قانون جو غلط استعمال ٿيندو، غلط استعمال ته گهڻن قانون جو ٿيندو آهي ته ڇا پيڪا ايڪٽ کي غلط قرار ڏنو وڃي؟ قانون جي غلط استعمال بابت ضروري ترميمون ڪري سگهجن ٿيون پر سڀ اهو مڃين ٿا ته اهڙو قانون ضروري آهي.

 هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 25 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.