پاڪستاني نوجوان جو آمريڪا ۾ ڪارنامو، باڊي بلڊنگ ۾ سونو ٻلو کٽي ورتو

ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني باڊي بلڊر شيراز خان مين فزيڪ جي مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو.
لاهور سان واسطو رکندڙ شيراز خان آمريڪا جي شهر ڪئليفورنيا ۾ آءِ ايف بي بي جي انتظام هيٺ ٿيندڙ فزيڪ جي مقابلي ۾ سونو ٻلو کٽيو، مقابلن ۾ 154 ملڪن جي باڊي بلڊرز حصو ورتو.
گولڊ ميڊل کٽڻ کانپوءِ شيراز خان پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو مستقبل ۾ به پاڪستان جو نالو روشن ڪندو رهندو.
ياد رهي ته شيراز خان اڳ به ڪيترن ئي مقابلن ۾ گولڊ ۽ سلور ميڊل حاصل ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.