مسافرن لاءِ بُري خبر، اهم ٽرين بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافرن لاءِ بري خبر اچي وئي، سر سيد ايڪسپريس جي سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ سر سيد ايڪسپريس سڀاڻي کان بند ڪئي ويندي، اِها ٽرين راس لاجسٽڪس جي انتظام هيٺ هلائي پئي وئي.
گذريل سال سيپٽمبر ۾ سر سيد ايڪسپريس ٻيهر بحال ڪئي وئي هئي.
هي ٽرين پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائي وئي هئي، جنهن ۾ اي سي سليپر، اي سي بزنس، اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانامي ڪوچز شامل هيون، جڏهن ته ڊائننگ ڪار به ٽرين جو حصو هئي.
ريلوي اختيارين موجب، هڪ اعليٰ سطحي ڪمپني ريل ۾ کاڌي جي فراهمي، پاڻي ۽ صفائي جا خاص انتظام ڪري رهي هئي.
مسافرن لاءِ مفت واءِ فاءِ جي سهولت به موجود هئي، جڏهن ته ٽڪيٽن جي ادائيگي لاءِ موبائل ايپ ذريعي بُڪنگ جي سهولت به فراهم ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.