ويرات ڪوهلي تيز ترين 14 هزار ون ڊي رنسون مڪمل ڪندڙ بيٽر بڻجي ويون

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 14 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، اهو ڪارنامو هن 287 هين اننگز ۾ انجام ڏنو.
ڀارتي بيٽر پاڪستان خلاف ميچ دوران اهو اهم اعزاز ماڻيو، ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڀارت جي سچن ٽنڊولڪر وٽ هو، جنهن 350 اننگز ۾ 14 هزار رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته سريلنڪا جي ڪمار سنگاڪارا 378 اننگز ۾ 14 هزار رنسون مڪمل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.