ويرات ڪوهلي، نسيم شاهه جي مدد ڪري دليون کٽي ورتيون

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي عظيم بيٽر ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪري سڀني جون دليون کٽي ورتيون.
دبئي ۾ ٿيندڙ ميچ دوران نسيم شاهه بيٽنگ لاءِ آيو ته ان جي جوتي جون ڪَهيون کلي ويون، ان موقعي تي ويرات ڪوهلي اڳتي وڌيو ۽ نسيم شاهه جي جوتي جون ڪَهيون ٻڌيون.
ان لمحي کي ڪيمرا جي اک قيد ڪري ورتو ۽ جيئن ئي تصوير سامهون آئي ته ماڻهو ويرات ڪوهلي جي ان عمل جي تعريف ڪرڻ لڳا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.