ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڌماڪيدار انٽري ڏيندڙ 28 ورهين جي اداڪارا 2023 کان 2025 دوران سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪري سڀني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
مسلسل ٽي سال شاندار ڪاميابيون ماڻيندڙ اداڪارائن ۾ پريانڪا چوپڙا يا دپيڪا پڊڪون شامل ناهن پر اها ٻي اداڪارا آهي.
رشميڪا مندانا پنهنجي جلون ۽ ادائن سان مداحن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو، 2023 ۾ رليز ٿيل سندس فلم ”اينيمل“ باڪس آفيس تي وڏيون ڪاميابيون ماڻيون.
ايندڙ سال ان جي ٻي فلم ”پشپا“ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا پر رشميڪا جي ڪاميابين کي اتي بريڪ نه لڳي، هلندڙ سال سندس فلم ”ڇلاوا“ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
مسلسل 3 سالن تائين سپر هٽ فلمون ڏئي رشميڪا مندانا سڀني ڀارتي اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان اداڪارا سان ڪم ڪرڻ جي خواهشمند فلم پروڊيوسرز جون قطارون لڳي ويون آهن، سڀني جي خواهش آهي ته ان اداڪارا ئي سائن ڪيون.
Next Post
You might also like