خوفناڪ حادثي ۾ 12 شاگرد اجل جو شڪار

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل ۾ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 شاگرد فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب برازيل جي اقتصادي تخت گاهه سائو پالو کان رواني ٿيندڙ بس هاءِ وي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي هئي.
حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 19 ڄڻن کي اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
حادثي ۾ شاگردن جي فوت ٿيڻ سبب مقامي يونيورسٽي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.