ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌي ريت واپار بحال ٿي ويو، سرڪاري سطح تي پهريون ڪارگو پورٽ قاسم کان روانو ٿي ويو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سڌي ريت واپار ۽ سرڪاري سطح تي واپاري رابطن جي بحالي ڍاڪا سانحي کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿي آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سرڪاري سطح تي واپار جو اهو پهريون قدم آهي، بنگلاديش پاڪستان جي سرڪاري اداري ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي مجموعي طور تي 50 هزار ٽن ايري خريد ڪندو، جنهن جو معاهدو فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ ڪيو ويو.
اهو آرڊر ٻن حصن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، 50 هزار ٽن جي ايندڙ شپمينٽ به مارچ جي شروعات ۾ رواني ڪئي ويندي، ان شپمينٽ سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي رابطا ۽ سڌي ريت شپنگ به بحال ٿيندي.
پي اين ايس سي جو مال بردار جهاز سرڪاري ڪارگو کڻي پهريون ڀيرو بنگلاديش جي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندو، پي اين ايس سي جو ڪو به جهاز سرڪاري ڪارگو کڻي پهريون ڀيرو بنگلاديش جي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندو.
You might also like