ماءُ پيءُ لاءِ ٻارن جي ننڊ جي مسئلن کي معمولي سمجهڻ وڏي غلطي ثابت ٿي سگهي ٿي. تازو ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ننڍپڻ ۾ ننڊ جي کوٽ مستقبل ۾ نوجوانن ۾ آپگهات جي رجحاڻ کي وڌائي سگهي ٿي.
تحقيق موجب 10 سالن جي عمر ۾ جيڪي ٻار سخت ننڊ جي مسئلن جو شڪار هئا، انهن ۾ ٻن سالن کانپوءِ آپگهات بابت سوچڻ يا ان جي ڪوشش ڪرڻ جو خطرو 2.7 ڀيرا وڌيڪ رهيو. تحقيق ۾ شامل لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي ٽي ٻارن (جيڪي ننڊ جي کوٽ جو شڪار هئا) ۾ جوانيءَ ۾ آپگهات جا خيال يا ڪوششون ڏٺيون ويون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ جي کوٽ سنئون سڌو دماغ جي صحت تي اثر انداز ٿيندي آهي. اها نه رڳو ذهني دٻاءُ کي وڌائي ٿي، پر جذبن کي سنڀالڻ ۾ به ڏکيائي پيدا ڪري ٿي ۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت کي به متاثر ڪري ٿي. جيڪڏهن ننڊ جي کوٽ لڳاتار رهي ته اها دماغ ۾ نيوروٽرانسمٽرز جي توازن کي بگاڙي سگهي ٿي، جنهن سبب نفسياتي مسئلا شدت اختيار ڪري سگهن ٿا.
ماءُ پيءُ کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن جي ننڊ جي وقت ۽ طريقيڪار تي خاص ڌيان ڏين. کين هڪ سڪون واري ۽ پرامن ننڊ جو ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي. سمهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ اسڪرين جي استعمال کي محدود ڪرڻ، ٿورو ڪتاب پڙهڻ، موسيقي ٻڌڻ يا لکڻ جهڙيون سرگرميون اهڙي عمل لاءِ مددگار ٿي سگهن ٿيون.
ننڊ رڳو جسماني آرام جو وسيلو ناهي، پر اها ذهني ۽ جذباتي صحت لاءِ به گهڻي ضروري آهي. ننڊ جي کوٽ دماغ جي واڌ ويجهه، مزاج جي توازن، ذهني دٻاءُ ۽ جذباتي ڪنٽرول تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي.
تحقيق مان اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ماءُ پيءُ پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺن ٿا، انهن جي ٻارن ۾ آپگهات جي رجحاڻجو خطرو پندرهن سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.
ماءُ پيءُ لاءِ پيغام:
ٻارن جي ننڊ کي معمولي مسئلو نه سمجهو، ڇو ته اها سندن مستقبل جي نفسياتي صحت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.