” اسان لاءِ سڄو شهر بند ڪيو ويو “ آسٽريلوي رانديگرن جو پاڪستان ۾ وقت ڪيئن پيو گذري؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي تيارين آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جون تياريون عروج تي آهن.
آسٽريلوي ٽيم اڄلڪلهه پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ موجود آهي جتي رانديگر ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کان اڳ سخت ٽريننگ سيشن ڪيو.
ان موقعي تي رانديگرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي سيڪيورٽي جا سخت انتظام آهن، رانديگرن کي مني بسز ۾ وٺي ويا ۽ پورو شهر بند ڪيو ويو.
هنن چيو ته هوٽل جي چوڌاري به سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، اسان هڪ ٻئي جو خيال رکون ٿا ۽ گڏ وقت گذاريون ٿا، هتي اسان جي ٽريننگ سٺي ٿي آهي ۽ سڀ ڪجهه حڪمت عملي تحت ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.