لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل فاضل صديقي کي توهينِ عدالت تي هڪ مهيني قيد جي سزا ٻڌائي.
عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ پوليس فاضل صديقي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
فاضل صديقي شهري عثمان جي طرفان راولپنڊي ڪينٽونمينٽ بورڊ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته قانون موجب اها درخواست جائز ناهي، پر فاضل صديقي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ تي زور ڀريو.
عدالت ٽيڪنيڪل سببن جي بنياد تي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ کان معذرت ڪئي، جنهن تي فاضل صديقي ۽ جسٽس مرزا وقاص رئوف وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي.
عدالت فاضل صديقي کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏئي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ مهيني جي سزا ٻڌائي.
وڪيلن فاضل صديقي کي سزا ڏيڻ ۽ گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو، جڏهن ته پوليس کيس ڪنٽرول روم منتقل ڪري ڇڏيو.
وڪيلن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سينئر وڪيل کي سزا ڏيڻ پوري وڪيل برادري جي منهن تي چماٽ آهي. هنن چيو ته هي سزا فاضل صديقي کي نه پر پوري وڪيل برادري کي ملي آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي.
بعد ۾ هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي مداخلت سان معاملو حل ٿي ويو.
پاڪستان بار ڪائونسل جي حسن رضا پاشا ۽ هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي جي صدر ملڪ جواد خالد جي درخواست تي توهين عدالت جا حڪم واپس ورتا ويا.
عدالتي حڪم رد ٿيڻ کانپوءِ فاضل صديقي کي آزاد ڪيو ويو ۽ سندس سزا ختم ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل کي توهينِ عدالت تي سزا، پاڪستان بار جي مداخلت تي معاملو حل
Next Post
You might also like