سي ايس ايس نظام بدلائڻ جون تياريون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي پراڻي نظام کي تبديل ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي.
سي ايس ايس جي نظام ۾ سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي پنهنجي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
عام آفيسرن جي بدران ماهرن جي ڀرتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ جنرلائزڊ سي ايس ايس فريم ورڪ جي جاءِ تي ڪلسٽرز تي ٻڌل امتحاني نظام متعارف ڪرايو ويندو.
ان کانسواءِ معاوضي ۽ پنشن اسڪيم ۾ تبديلي لاءِ ڪميٽي جو هڪ آخري اجلاس ٿيندو، جنهن کان پوءِ پروفيشنل ماهرن کي فني ۽ خاص ڪيڊرز تي ڀرتي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.