” ڪو اهم سوال ڪريو“ شير افضل بابت سوال تي شبلي فراز جو جواب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز، شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ واري سوال کي غير اهم قرار ڏيندي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اڊيالا جيل جي ٻاهران ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو پارٽي ڪندي، جڏهن ته ڳالهيون نتيجا ڏيندڙ هجڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته سڄو پاڪستان احتجاج ڪري رهيو آهي، مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ ماڻهو افراتفري جو شڪار آهن.
هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، سينيٽ ۾ به مسئلن خلاف آواز اٿاري رهيا آهيون ۽ اڳتي به اٿارينداسين.
شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ بابت صحافي جي سوال تي شبلي فراز چيو ته ڪو اهم سوال ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.