اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ٽيڪسن ۾ رعايت ڏيڻ واري منصوبي کي آءِ ايم ايف طرفان رد ڪرڻ کانپوءِ، اسلام آباد هڪ نئون منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن تحت بنيادي ٽيرف ۾ 8 کان 10 رپيا في يونٽ تائين لاٿ ڪئي ويندي ۽ گردشي قرضن جو حجم ختم ڪيو ويندو.
هن منصوبي تحت، قرضن جي ادائيگي ۾ 1.3 کرب رپيا گهٽائڻ سان پيدا ٿيندڙ مالي گنجائش کي بجلي جي شعبي ۾ جاري مالي نقصانن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
هڪ اعليٰ سرڪاري ذريعي تصديق ڪئي ته هن مالي سهولت جو وڏو حصو، اٽڪل هڪ کرب رپيا، گردشي قرضن جي ذخيرن کي ختم ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيو ويندو.
سرڪاري ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ مهيني 4 مارچ 2025 تي اسلام آباد جو دورو ڪندو ته جيئن 7 ارب ڊالر جي واڌو فنڊ سهولت (ايِ ايف ايف ) جي پهرين جائزي تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي.
You might also like