ٽن منٽن جا ٽي ڪروڙ…! اُروَشِي سڀني کان گوءِ کڻي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا اُروَشِي روٽيلا تازو ئي رليز ٿيل تيلگو فلم ”ڊاڪو مهاراج“ سبب سرخين ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اروشي روٽيلا فلم ۾ رڳو 3 منٽن جي پرفارمنس لاءِ 3 ڪروڙ رپيا معاوضو ورتو.
رپورٽس موجب، اداڪارا هر منٽ لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي حساب سان معاوضو وٺندي آهي، جڏهن ته ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته فلم ڪامياب ٿيندي يا ناڪام.
اروشي روٽيلا جي مجموعي مالي اثاثن جو ڪاٿو 236 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن سبب اداڪارا جي مقوبليت آهي، انسٽاگرام تي 7.3 فالوورز آهن.
فلم ”ڊاڪو مهاراج“ ۾ ننداموري بالاڪرشنا هڪ اهڙي آفيسر جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي زال سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاري ٿو.
فلم جي ڪهاڻي هڪ بي ڊپي ڌاڙيل جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو جابر ۽ بااثر خاندانن خلاف وڙهي ماڻهن کي انصاف ڏياري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.