ٻن ڏهاڪن کانپوءِ ورلڊ بينڪ وفد پاران پاڪستان جو دورو، سنڌ ۾ اجلاس، اهم شخصيتن سان ملاقاتون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورلڊ بينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جو وفد ٻن ڏهاڪن بعد پاڪستان پهتو
وزيراعليٰ هائوس آمد تي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، پي اينڊ ڊي وزير ناصر شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ وفد جو جي آجيان ڪئي.
ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ سوئٽزرلينڊ، آسٽريليا، اسپين، نائيجيريا، الجيريا، اسواتيني، وچ آفريڪا، فرانس ۽ پاڪستان جا نمائندا شامل هئا.
ان موقعي تي هڪ اجلاس پڻ ٿيو جتي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) منصوبي تي تفصيلي آگاهي ڏني وئي، وفد منصوبي کي مثالي قرار ڏيندي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو.
ورلڊ بينڪ وفد سنڌ حڪومت جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير جي قيادت ۾ ترت امداد ۽ بحالي جي قدمن جي وکاڻ ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد کان وٺي پائيدار رهائشي حل تائين بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي.
اجلاس دوران صوبائي چيف سيڪريٽري ورلڊ بينڪ کان ايس پي ايڇ ايف جي واٽر اينڊ سينيٽيشن سيڪٽر لاءِ آءِ ڊي اي گرانٽ ڏيڻ جي سفارش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.