مرتضيٰ جتوئي جي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر،نارا جيل ۾ ئي ٽرائل هلندو

حيدرآباد/خيرپور(نمائندا) گرفتار ڪري حيدرآباد جي نارا جيل منتقل ڪيل اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو سنڌ جي گهرو کاتي پاران جيل ٽرائل جو فيصلو ڪيو ويو آهي،غلام مرتضيٰ جتوئي مٿان داخل ڪيس جو ٽرائل جيل اندر ئي ٿيندو، جنهن بابت هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ٿيو آهي،سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل نوٽيفڪيشن موجب اينٽي ٽيررزم ايڪٽ 1997ع جي سب سيڪشن 15 ۽ سنڌ پرنزننس اينڊ ڪريڪشن سروسز رولس 2019ع موجب غلام مرتضيٰ ولد غلام مصطفيٰ جتوئي جو حيدرآباد نارا جيل ۾ ئي ٽرائل ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ مورو ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي تي 302,324, 114, 337-Ai,Hii, 336, 147, 148, 149 PPCr/w section6/7 قتل ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر، باڊهه ۾ 324،353،402،148،149 ۽ ڏوڪري ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر 324,353,148,149,109,216 A PPC جو  ذڪر ٿيل آهي. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي تاريخ 19 فيبروري ڄاڻايل آهي، جڏهن ته 19 فيبروري تي سنڌ ۾ عام موڪل پڻ هئي. ڄاڻايل نوٽيفڪيشن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل، پر گهرو کاتي يا پوليس جي ڪنهن عملدار ان جي ڪا تصديق نه ڪئي هئي، هوڏانهن خيرپور پوليس غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس  ظاهر ڪري ڇڏيو خيرپور ضلعي جي هنگورجا ٿاڻي جي رسول آباد چوڪي جي انچارج جي فرياد تي سول جج 3 گمبٽ جي عدالت ۾ پوليس مقابلي جو داخل ڪيس ظاهر ڪري  پي او ڪڍرائي لاڳاپيل جيل سپرنٽينڊنٽ کي اطلاع ڏنو ويو ۽ پوليس مقابلي ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي کي مفرور قرار ڏنو ويو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.