سازشون نه ڪريو، سنڌ کي تباهه ڪرڻ سان پنجاب به آباد نه ٿيندو: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي سياستدانن، قوم پرستن، وڪيل اڳواڻن، ماحوليات جي ماهرن سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال  ڪڍڻ ۽ سنڌ جي حصي جي پاڻي جي چوري ۽ سنڌو درياهه کي خشڪ ڪرڻ خلاف قومن جي گڏيل اداري اقوام متحده کي خط لکي دنيا جي ٻين درياهن کي زندھ وجود قرار ڏيڻ وانگر سنڌو درياهه جي زندگي بچائڻ لاءِ ان کي زندهه هستي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪالهه جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني هيٺ  ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌو درياهه مٿان ڏاڍ جي بنياد تي 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپورٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين تي ولار خلاف سنڌ اتحاد ڪانفرنس ٿي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته پنجاب سنڌو درياهه تي قبضو ڪري ان کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي، جي ڊي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته سنڌو درياهه جي پڇڙي سنڌ آهي، ان ڪري درياهه جا مالڪاڻا حق به سنڌي عوام جا آهن، جيڪڏهن 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته مستقبل قريب ۾ ملڪ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا ۽ وفاق خطري ۾ اچي ويندو، معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته گرين پاڪستان منصوبو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ منافع بخش ڪمپني آهي، ان جو عوام جي خوراڪ ۽ زراعت سان واسطو نه رهندو، ان ڪري عوام جي ضرورت وارن فصلن جي اهميت نه رهندي، پاڻي جي ورهاست 90 جي پاڻي معاهدي تحت ٿيڻ گهرجي، ليکڪا ۽ ڊرامه نويس نورالهديٰ شاهه چيو ته پاڻي جي مسئلي تي نسل در نسل جنگيون هلنديون آهن، ان مسئلي تي قتل ۽ دشمنيون هلنديون آهن، سنڌ جو پاڻي بند ڪري ملڪ جي بقا خطري ۾ وڌي پئي وڃي، مريم نواز سنڌ ۽ پاڪستان دشمن منصوبن تي تاڙيون وڄائي خوش نه ٿي ۽ اهو ممڪن نه آهي ته سنڌ کي تباهه ڪري هو آباد رهندا، قانون دان شهاب اوستو چيو ته پاڻي بنيادي انساني حقن ۾ شامل آهي سنڌ پاڪستان جي علامت طور موجود آهي، جيڪڏهن ان جي زمينن تي قبضا ۽ سنڌو درياهه ۽ آباد زمينون سڪائڻ جي سازش ختم نه ڪئي ته پوءِ پاڪستان ڪٿي هوندو؟، ان موقعي تي ماهر ماحوليات منظور ميراڻي، سيد خدا ڏنو شاهه، وڪيل نعيم قريشي، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، فيصل حسنين، سردار رحيم ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ سڪائي چولستان کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي غير ملڪي ڪمپنين ۽ جرنيلن جو قبضو سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي، جنهن خلاف سنڌ تاريخي ۽ فيصلا ڪن جنگ جو آغاز ڪندي، جنهن جي نقصانن جي ذميواري اسٽيبلشمينٽ، نواز ليگ مٿان عائد ٿيندي، پنجاب ۽ ارسا طرفان سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي سازش سان صرف سنڌ کي نه پر ملڪ جي بقا کي به شديد نقصان پهچندو، ان موقعي تي ٺهراءُ پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌو درياهه تي پنجاب پاران ڏاڍ جي بنياد تي ٺھندڙ ڇھن غير قانوني ڪئنالن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، سنڌو درياهه تاريخي طور توڙي عالمي قانون مطابق پوڇڙ وارن جي ملڪيت آھي، ان تي توڙي سندس ڀرتو ندين تي اڏيل سمورن ڊيمن کي رد ڪريون ٿا، مطالبو ورجايون ٿا ته سنڌ کي 1945 جي ٺاھ موجب پنھجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، گڏيل قومن کان اها گھر ٿا ڪريون تـ جھڙي ريت ڪينيڊا جي ميگپائي درياهه ۽ دنيا جي ٻين کوڙ درياھن کي زندھ وجود قرار ڏنو ويو آھي اھڙي طرح سنڌو درياهه کي زندھ وجود تسليم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ پ پ حڪومت طرفان جاري انتقامي ڪاروائين جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي سينئير سياستدان غلام مرتضي جتوئي جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا، اھڙي روش کي آمراڻو ھٿڪنڊو سمجھون ٿا، سنڌ ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين پامالي تي ڳڻتي ظاھر ڪندي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن جي بازيابي جو مطالبو ڪريون ٿا، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته انڊس هاءِ وي تي ڄامشوري ۽ سيوھڻ جي وچ تي ٽريفڪ حادثن ۾ موت جي راند، ٺٽي بدين سان گڏ نيشنل هاءِ وي ۽ حيدرآباد کان سکر تائين خاص طور ڪراچي ۾ ڊمپر مافيا ھٿان روزانو جي بنيادن تي ماڻھن کي مارڻ جو ذميوار وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي سمجھون ٿا ۽ گھر ٿا ڪريون تـ سنڌ جي روڊن کي بھتر ڪري رستن تي صحت جا مرڪز جوڙي ھنگامي سھولتن جي فراھمي يقيني بڻائي ڊمپر مافيا کي ٻنجو ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.