اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم رمضان پيڪيج بابت آءِ ٽي وزارت کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ذريعن موجب وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج لاءِ شارٽ ڪوڊ 9999 استعمال ڪيو ويندو ۽ آءِ ٽي وزارت شارٽ ڪوڊ کي رمضان پيڪيج جي پيغامن جي تصديق لاءِ يقيني بڻائيندي، آءِ ٽي وزارت کي موبائل نمبرن سان گڏ سڃاڻپ ڪارڊ کي ميچ ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو ويو آهي، رليف پيڪيج لاءِ اين ٽي سي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو، رمضان رليف پيڪيج تحت 39 لک خاندانن کي روڪ رقم ڏيڻ ۽ پيڪيج تحت في حقدار خاندان لاءِ هڪ ڀيرو 5 هزار رپيا روڪ مالي امداد جي تجويز آهي.