امڙ بدلو وٺڻ نه سيکاريو، جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي: بلاول

لنڊن(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيندي چيو آهي ته امڙ بدلو وٺڻ نه سيکاريو انڪري چوندو آهيان ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، عورتن تي پابندين باوجود بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي ۽ پاڪستان جي عورتن لاءِ اڳتي نڪرڻ جا رستا کوليا، اڄ پنجاب جي وزيراعليٰ به عورت آهي، بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي پاڪستان جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ لا وقف ڪئي، پاڪستان جو مستقبل آئين جي بالادستي، آزاد عدليا ۽ صحافت سان سلهاڙيل آهي، پاڪستاني عوام کي حق آهي ته هو پنهنجي بهتر مستقبل جو مطالبو ڪري،هن سوالن جوابن واري سيشن ۾ چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي،پاڪستان جا ايٽمي اثاثا پنهنجي حفاظت لاءِ آهن،هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي کي بهتر بڻايو آهي،نيب ڪارو قانون آهي اسان ان جا اڄ به مخالف آهيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.